اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال رمضان مهيني دوران مهانگائي جي شرح گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي، مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ ۽ حڪومت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ محنت جو ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مارچ 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح 0.7 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، گذريل سال انهي مهيني اها شرح 20.7 سيڪڙو هئي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ ۽ حڪومت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ محنت جو ثبوت آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهو جي زندگي تي مثبت اثر پڻ سامهون اچي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي سان ملڪي معيشت تي مثبت اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.