اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان حڪومت والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران جاري جارحيت ۽ ظلمن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انڌاڌنڌ تشدد هزارين بيگناهه فلسطينيون جانيون وٺي ڇڏيون آهن جن ۾ عورتون، ٻار، طبي عملو ۽ انساني همدرديءَ جو ڪم ڪندڙ ڪارڪن شامل آهن جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي قبضي کي هڪ ٻئي ڪاري باب جي نشاندهي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل جي تازه ترين فوجي حملي جي مذمت ڪري ٿو جنهن جو مقصد نئين سيڪيورٽي ڪوريڊورز قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ موراگ ڪوريڊور تي غيرقانوني قبضو ۽ وڌيڪ فلسطيني زمين تي قبضو شامل آهي. هن چيو ته جباليه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ هڪ اسپتال کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جنهن ۾ 7 سئو کان وڌيڪ بي گهر شهرين کي پناهه ڏني وئي هئي، اسرائيل جي عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اهي ڪارروايون فلسطينين کي نسلي طور تي انهن جي سرزمين تان مٽائڻ جي اسرائيل جي واضح ارادي سان عالمي قانون تحت جنگي ڏوهن جو درجو رکن ٿيون. ترجمان وڌيڪ چيو ته خاص طور تي ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته عيدالفطر جي مقدس موقعي تي اسرائيلي قابض فوج پاران مسجد اقصيٰ جي اڱڻ تي وحشياڻو قبضو ڪرڻ آهي، اهو اشتعال انگيز عمل نه رڳو اسلام جي مقدس ترين جاين مان هڪ جي تقدس کي پائمال ڪري ٿو پر خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ پنهنجي توسيع پسنداڻي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي اسرائيل جي عزم کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي بمباري ۽ زميني ڪاررواين جي ذريعي شهرين جي بنيادي ڍانچي جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ لکين فلسطينين جي جبري لڏپلاڻ ۽ اخلاقي طور تي مذمت جوڳو ۽ قانوني طور تي ان جو دفاع نه ڪري ٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي کليل خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، قابل عمل ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ ۽ مقدس جاين جي تقدس جي تحفظ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.