اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي صارفين کي وڏو ريليف ڏيندي گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت 7 رپيا 41 پئسا ۽ صنعتي صارفين جي لاءِ 7 رپيا 59 پئسا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ويندي، ايندڙ 5 سالن ۾ گردشي قرضن جو مسئلو سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويندو، بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي، سالن کان بند پيل زنگ آلود ”جنڪوز“ کي وڪرو ڪيو ويندو، ڊسڪوز کي پرائيويٽائيز يا پروفيشنلائيز ڪيو ويندو، ساليانو 600 ارب رپين جي بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪرڻو پوندو، نجڪاري ۽ رائيٽ سائيزنگ کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حڪومتي پئڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، سيڙپڪار، ڪاروباري شخصيتون ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معاشي ميدان ۾ ڪاميابين جو سلسلو اڳتي وڌي رهيو آهي. هاڻي منشور ۾ ڪيل واعدي کي پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هي معاشي ترقي ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته کيس ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته مهانگي بجلي سان عوام متاثر ٿي، ملڪ جي خاطر عام ماڻهن جي قربانين جو مڪمل احساس رکون ٿا، مهانگي بجلي جي ڪري معاشي سرگرميون پڻ متاثر ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سمورن شعبن جي ترقي ۾ مهانگي بجلي هڪ رڪاوٽ آهي، ترقياتي عمل اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بجلي قيمتن ۾ گهٽتائي لازمي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. عيد کان اڳ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون برقرار رکندي بجلي جي شعبي ۾ فائدو منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته جون 2024ع ۾ گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت 48.70 رپيا هئي جيڪا هن وقت 45.05 رپيا في يونٽ آهي. جون 2024ع کان وٺي اڄ تائين ان ۾ 3.5 رپين جي گهٽتائي ٿي، اڄ گهريلو صارفين جي لاءِ وڌيڪ 7.41 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ سمورن گهريلو صارفين کي بجلي هاڻي 34.37 رپيا في يونٽ فراهم ڪئي ويندي. جون 2024ع ۾ صنعتن جي لاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت 58.50 رپيا هئي جنهن ۾ گڏيل ڪوششن سان 10.30 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي جيڪا 48.19 رپيا في يونٽ تائين پهتي. اڄ ان ۾ وڌيڪ 7.59 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن وقت بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2393 ارب رپيا (2 کرب 393 ارب رپيا) آهي، ان گردشي قرض جي مسئلي جو مستقل حل ڳوليو ويو آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ گردشي قرض ترتيبوار ختم ڪيو ويندو پر ان جي لاءِ شرط اها آهي ته اسان پاڻ کي تبديل ڪريون. پاڻ کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ ان گردشي قرض مان ڇوٽڪارو نه ملندو. وزيراعظم چيو ته سرڪاري پاور پلانٽس (جنڪوز) سالن کان بند پيل آهن ۽ هڪ ڪلو واٽ بجلي اتان پيدا نه ٿي رهي آهي، پر ساليانو اربين رپين جا پگهار ۽ مراعتون جاري آهن جيڪو تمام وڏو ظلم آهي. ان جو بار به عوام تي پوي ٿو. هي اهو ڪينسر آهي جنهن کي پاڙ کان پٽڻو پوندو. هاڻي انهن جنڪوز جي پهرين لاٽ کي شفاف طريقي سان وڪرو ڪيو ويو آهي جنهن سان 9 ارب رپيا وصول ٿيندا جڏهن ته بند پيل زنگيل جنڪوز تي ساليانو 7 ارب رپين جو خرچ ٿي رهيو هو. وزيراعظم چيو ته هي اهي مسئلا آهن جيڪي ڪنهن هڪ حڪومت جا پيدا ڪيل نه آهن، هي 77 سالن جو بار آهي جنهن جي هيٺ قوم دٻيل هئي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کانپوءِ هاڻي اسان کي سڌارا ۽ اسٽرڪچرل تبديليون ڪرڻيون آهن. ساليانو 600 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. ان چوري جو خاتمو ڪرڻو آهي. اوپن مارڪيٽ جي ذريعي بجلي کي وڌيڪ سستو ڪرڻو آهي. حڪومت ڊسڪوز ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي پر اتي سڀ ٺيڪ نه آهي. عام صارفين کي ڊسڪوز ۾ تنگ ڪيو وڃي ٿو، انهن ڊسڪوز کي فوري طور تي پرائيويٽائيز يا پروفيشنلائيز ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ ڪو طريقو نه آهي. وزيراعظم چيو ته گردشي قرض جي مسئلي جو مستقل حل ڳوليو ويو آهي. ايندڙ 5 سالن ۾ گردشي قرض آهستي آهستي ختم ڪيو ويندو. وزيراعطم چيو ته سرڪاري پيداواري پلانٽس جي نقصانن تي پڻ ڌيان ڏنو ويو. زنگيل پلانٽس تي ساليانو خرچ 7 ارب رپيا هو. وزيراعظم چيو ته قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ آءِ پي پيز سان پڻ ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته هو آءِ پي پيز جي حوالي سان ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ڳالهه نه ڪندو، جڏهن اهي آءِ پي پيز آيا هئا ته اهو هڪ مثبت قدم هو. اسان آءِ پي پيز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهن کي باور ڪرايو ته انهن تمام گهڻو پئسو ڪمايو هاڻي قوم کي فائدو ڏيو. ان جي لاءِ حڪومتي ٽاسڪ فورس تمام گهڻي محنت ڪئي. آءِ پي پيز کي قائل ڪرڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي. ان کان اڳ به هڪ اهڙي ئي ڪوشش ٿي هئي جيڪا اڌوري رهجي وئي هئي. آءِ پي پيز سان ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ ايندڙ سالن ۾ جيڪي 6 هزار 696 ارب رپيا قوم کي ادا ڪرڻا هئا هاڻي اها ادائيگي نه ڪرڻي پوندي. اهڙي طرح مختلف آءِ پي پيز جن جو مدو 3 کان 25 سال ۽ سراسري مدو 15 سال هو انهن کي جيڪي اضافي ادائيگيون انهن سالن ۾ ٿيڻيون هيون ان جي مدي ۾ بچت ٿيندي. وزيراعظم معيشت جي بهتري جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي چيو ته معاهدي جي سمورين شقن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهيون. آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻ تمام مشڪل هو. عيد کان اڳ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو اسان عوام کي منتقل نه ڪيو پر ان کي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ استعمال ڪيو. ان سلسلي ۾ اسان کي آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻو پيو. ماضي ۾ آءِ ايم ايف جي اعتماد کي جيڪو ڌچڪو لڳو هو، ان کي نظر ۾ رکندي اسان ملڪ ۽ قوم جي بهتري جي لاءِ کنيل قدمن تي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ اڳتي وڌندي ماضي تي نظر وجهڻ به اهم آهي، حڪومت سنڀالي ته ڪمزور معيشت ۽ ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو هو، پاڪستان کي ڊيفالٽ تائين پهچائيندڙ خوشي جا نغما ڳائي رهيا هئا، انتشاري ٽولي جو پختو يقين هو ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي ويندو. الله جي فضل سان اسان جي محنت سجائي ٿي ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. هن چيو ته ان ٽولي ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ سموريون حدون پار ڪيون، معيشت جي استحڪام جي لاءِ ڪوششن جي راهه ۾ انهن عنصرن وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪيون، ذاتي مفاد ۽ سياست جي لاءِ ان ٽولي رياست سان کيڏيو. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي پر اسان خطرناڪ رستي تي چئلينجز جو محنت سان مقابلو ڪيو. هڪ وقت ۾ حالت ايتري خراب هئي ٻارڻ ۽ بنيادي ضرورتن جي درآمد جي لاءِ ايل سي کولڻ جي لاءِ پڻ وڏي محنت ۽ مون کي پاڻ مداخلت ڪرڻي پوندي هئي ته جيئن ڪٿي ملڪ ۾ تيل ۽ بنيادي شين جي کوٽ پيدا نه ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله معيشت ۾ بنيادي استحڪام اچي چڪو آهي، مائيڪرو اڪنامڪ انگ اکر بهتر ٿي چڪا آهن، اقتصادي استحڪام جي لاءِ آرمي چيف جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ کي پسماندگي طرف ڌڪيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. مسئلن جي حل لاءِ سرجري ڪرڻي آهي، مشڪل فيصلن ۽ سخت محنت سان پنهنجي منزل حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان مهانگائي هڪ انگ تي اچي چڪي آهي. نئين صبح جو سج اڀري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ان سڄي عمل ۽ عرصي ۾ عام ماڻهو جي قرباني جو اعتراف نه ڪرڻ زيادتي هوندي جنهن جي صبر، قرباني ۽ برداشت جي ڪري اهو ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف جي رهنمائي هر قدم تي اسان کي ميسر رهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هڪ سال دوران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 38 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي. پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. نجڪاري ۽ رائيٽ سائيزنگ معاسي سڌارن جي ڪڙيءَ آهي. سرڪاري ادارن جي نقصانن جي ڪري 800 ارب رپيا ساليانو خزاني تي بار پوي ٿو. معاشي سڌارن ۽ ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي سوچڻو آهي. هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ پنهنجي اوڳاڙين ۾ اضافو ضروري آهي. ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 35 سيڪڙو اضافي جو هدف آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ پنهنجي اوڳاڙين ۾ اضافو ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، پختي عزم سان ترقي جي منزل حاصل ڪنداسين. ان کان اڳ توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان ڏس ۾ وزيراعظم جي ڏينهن رات محنت ۽ فراهم ڪيل رهنمائي جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ۽ ضروري رهنمائي فراهم ڪئي. وزيراعظم جي هدايت موجب سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. توانائي جي شعبي جي بهتري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته سمورن معاملن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ تي ڌيان ڏنو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ ٿيندڙ ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن.