اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر فاروق حميد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته مرحوم پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.