لاهور – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سياسي اڳواڻن پڻ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.