اسلام آباد – 01 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان عالمي بحران جي دوران تعاون جي عزم جي ڏس ۾ ميانمار ۾ تازي زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ 70 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري 35 ٽن سامان کڻي ويندڙ پهرين اڏام کي رخصت ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانمار جي پنهنجي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ۾ ميانمار جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ زلزلي متاثرين جي لاءِ هر ممڪن امداد جي خاطري ڪرائي هئي.