لاهور – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر پڻ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.