لاهور – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعيد الله نيازي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، سندس ڀائرن حفيظ الله نيازي ۽ انعام الله نيازي سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مرحوم سعيد الله نيازي جا درجا بلند فرمائي. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون سموريون همدرديون سعيد الله نيازي مرحوم جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.