اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفير هيني ڊي وريس سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي ته جيئن وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ هالينڊ وچ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ راندين جي حوالي سان مستقبل ۾ سهڪار جي رستن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ فرسٽ سيڪريٽري حنا سدريس، پبلڪ ڊپلوميسي بابت سينيئر پاليسي آفيسر ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي سينيئر عهديدارن شرڪت جئي جنهن ۾ پائيدار شراڪتداري جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ بابت خوشگوار ڳالهه ٻولهه کي يقيني بڻايو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي نوجوانن کي فائديمند قدمن ذريعي مضبوط ٻه طرفا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو ۽ امڪاني سهڪار جي اهم شعبن کي ڳوليو ويو، خاص طور تي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ راندين جي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو. ملاقات ۾ ايندڙ ڪنگز ڊي جي تقريبن تي به روشني وڌي وئي، جيڪو اپريل جي آخر ۾ منعقد ٿيندو جتي هالينڊ جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي ملهايو ويندو. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان تقريب ۾ مشهور هاڪي ليجنڊ فلوريس جان بوولينڊر جي شرڪت ٿيندي، جيڪو راندين بابت سرگرمين ۾ پنهنجي شموليت ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.