اسلام آباد/ گڏيل قومون – 30 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عيد الفطر جي موقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن کي ”ڳري دل“ سان عيد الفطر جون مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته لکين مسلمان ان موقعي کي روايتي خانداني ميڙاڪن بدران جنگ ۽ لڏ پلاڻ تحت ملهائيدا. هن چيو ته آئون سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ عيد الفطر تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو. گڏيل قومن جي سربراهه ايڪس تي شيئر ڪيل پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آئون ڳري دل ڪيترن ئي مسلمانن بابت سوچي رهيو آهيان جيڪي جنگ، تڪرارن يا لڏپلاڻ سبب پنهنجن خاندانن سان عيد نه ملهائي سگهندا. هن عيد الفطر جي تهوار جي يڪجهتي ۽ همدردي جي بنيادي قدرن تي زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي اصول تقسيم ٿيل برادرين کي ٻيهر جوڙي سگهن ٿا.