راولپنڊي-30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي ٽڪيٽن جو وڪرو 3 اپريل کان شروع ٿيندو. پي سي بي موجب ٽڪيٽون خميس تي منجهند جو 3 وڳي کان آن لائن دستياب هونديون. جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽن جو وڪرو 7 اپريل کان خانگي ڪوريئر سينٽرز تان شروع ڪيو ويندو. آن لائن بڪنگ ذريعي بڪ ڪيل ٽڪيٽ خانگي ڪوريئر جي مقرر ڪيل پڪ اپ مرڪز تان پڻ حاصل ڪري سگهبي. پي ايس ايل چئن شهرن راولپنڊي، ڪراچي، لاهور، ملتان ۾ کيڏي ويندي جنهن جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پي ايس ايل جي چئن وينيوز جي عام ٽڪيٽ 650 روپين ۾ دستياب آهي، اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ افتتاحي ميچ جي ٽڪيٽ 1000 روپين کان 8500 روپين تائين دستياب آهي. ڪرڪيٽ شوقينن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پي سي بي هر ميچ دوران هڪ ٽيڪٽ ريفل پڻ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪرڪيٽ شوقين انعام حاصل ڪري سگهندا.