لنڊن-30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ” بارڊر سيڪيورٽي سمٽ 2025ع “ ۾ شرڪت لاءِ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري برطانيا پهچي ويو. ان سمٽ ۾ پاڪستاني وفد سميت 40 ملڪ شرڪت ڪندا. مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته پاڪستان منظم اميگريشن ۽ ڏوهن خلاف عالمي سهڪار لاءِ پرعزم آهي. مملڪتي وزير طلال چوڌري لنڊن ۾ عيدا لفطر جي نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان وقت گذاريو.