اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته ڀارت اقليتن جي حقن جو علمبردار بڻجڻ جي لائق ناهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ انهن جي حقن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪندو پيو اچي، پاڪستان ۾ رياستي اداراپاليسي طور اقليتن جي تحفظ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن ٿا. ترجمان ڀارت جي پرڏيهي وزير جي لوڪ سڀا ۾ ڏنل بيان ۽ پاڪستان ۾ اقليتن جي صورتحال تي ٿيل بحث بابت ميڊيا جي اٿاريل سوالن جي جواب ۾ چيو ته ڀارت اقليتن جي حقن جو علمبردار بڻجڻ لائق ناهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ انهن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ رياستي ادارا پاليسي طور اقليتن جي تحفظ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ اقليتن خلاف اڪثر واقعا حڪمران پارٽي جي ڪجهه عنصرن جي مرضي يا شموليت سان پيش ايندا آهن. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خلاف نفرت، متڀيد واري سلوڪ ۽ تشدد کي منظم طور تي هٿي ڏيڻ جا واقعا دستاويزي صورت ۾ موجود آهن. امتيازي شهريت ترميمي ايڪٽ (سي اي اي) کان وٺي گهرن کي بلڊوز ڪرڻ تائين. 2002ع جي گجرات قتل عام کان وٺي 2020ع جي دهلي فسادن تائين. 1992ع ۾ بابري مسجد جي ڊاهڻ کان وٺي 2024ع ۾ ان جي ملبي تي مندر جي تعمير ڪرڻ، تحفظ جي آڙ ۾ تشدد ۽ ميڙن تي تشدد جي واقعن کان وٺي مسجدن ۽ مزارن تي حملن هندستان جو رڪارڊ مسلمانن سميت اقليتن جي بنيادي حقن جي سنگين ۽ منظم ڀڃڪڙين سان داغيل آهي. ٻين وٽ اقيلتن جي حقن جو ڍونگ بدران هندستان جي حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجي ناڪامين کي ختم ڪري، هن کي گهرجي ته هو مسلمانن سميت سمورين اقليتن جي سلامتي، تحفظ ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ انهن جي عبادتگاهن، ثقافتي ورثي ۽ بنيادي حقن جو تحفظ ڪري.