اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿائيلينڊ ۽ ميانمار ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته انهن ڏکوئيندڙ لمحن ۾ اسان جون دعائون ٻنهي ملڪن جي عوام سان گڏ آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، ٿائيلينڊ ۽ ميانمار سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم مدد جي آڇ ڪندي سندن تحفظ ۽ ان تباهي کان جلد بحالي جي خواهش جو به اظهار ڪيو.