اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف ڪمپنين پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 700 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيجيٽل معيشت ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي، سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي ناليواري سيڙپڪارن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف 29، 30 اپريل تي منعقد ٿيندڙ پاڪستان جي پهرين ”ڊيجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فورم 2025ع“ ۾ شرڪت ڪندڙ ناليواري انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اعليٰ عهديدارن سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي. سمورن معزز سيرپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ڊيجيٽل معيشت ۾ وڏي تبديلي جي شروعات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم فورم جي افتتاحي تقريب دوران پاڪستان ۾ ڪمپنين پاران 700 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي صلاحيتن تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي، فنانس ۽ جدت جو علائقائي مرڪز بڻجڻ جي پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. هن ايندڙ نمائندن کي جاري ريگيوليٽري سڌارن، مالياتي ترغيبن ۽ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر سيڙپڪاري بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ جاري حڪومتي ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ انهن سان ڊگهي مدي واري، گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عالمي شهرت يافته آءِ ٽي ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستاني نوجوانن کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ملازمتن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ اي آءِ ۽ ڊيٽا بيس جي تعليم جي قدمن تي انهن سان تعاون جي پاڪستان حڪومت جي خواهش کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ روسفٽ جي جبار رحيم خان جنهن 500 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، اي آئيز وينچر ڪيپيٽل جي طحيٰ نسيم ۽ احسن جميل جنهن 100 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، اوڀر بئنڪ جي فرنينڊو موريلو ۽ محمد همايون سجاد جنهن 30 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ۽ Mindhyve.ai جي بلال ڪمال فاروقي جنهن 22 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو شامل هئا.