اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل انويسٽمينٽ فورم ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ مجموعي طور تي 70 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم ۾ نه رڳو ملڪي پر عالمي معيشت جي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، حڪومت آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جي عمل ۾ پاڪستاني سيڙپڪار برادري کي شامل ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل ۽ ٻين سڌارن جي عمل ۾ سيڙپڪارن جي شموليت ۽ موقعن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آءِ ٽي واري وزير شزه فاطمه خواجه، سيڪريٽري جنرل ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ديمه اليحييٰ، عالمي آءِ ٽي ڪمپينن جي سي اي او ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڊيجيٽل ڪوآپريشن ڪانفرنس تحت ٿيندڙ ڊيجيٽل انويسٽمينٽ فورم ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ مجموعي طور تي 70 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستاني ڪاروباري برادري پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهي اهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستاني ڪاروباري ماڻهو عالمي مارڪيٽ ۾ قدر جوڳيون خدمتون پيش ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستاني قوم ۾ نه رڳو ملڪي پر عالمي معيشت جي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي سميت هر شعبي ۾ دنيا جا بهترين ماهر موجود آهن جيڪڏهن انهن جي سگهه ۽ صلاحيتن موجب موقعو ڏنو وڃي ته اهي بهترين نتيجا ڏئي سگهن ٿا، حڪومت ملڪي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جي عمل ۾ پاڪستاني سيڙپڪار برادري کي شامل ڪرڻ ترجيح ڏيندي، پاڪستاني سيڙپڪار جي ذريعي اسان کي پائيدار، بهتر ۽ پائيدار نتيجا حاصل ٿيندا. وزيراعظم آءِ ٽي جي شعبي جي سيڙپڪارن کي ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل سڌارن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ويبنار منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل سڌارن جي عمل جي مختلف مرحلن ۽ ان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل مانيٽرنگ، ٽريڪ اينڊ ٽريس، ڊيجيٽل تحقيق ۽ تجزين ۽ ٻين سڌارن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جن مان ڪيترائي نافذ العمل ٿي چڪا آهن. ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل انوائسنگ، فيس ليس ٽيڪنالاجي، ڪارگو ٽريڪنگ ۽ ٻين ڊيجيٽل سڌارن ۾ مجموعي طور تي 10 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن.