سکر – 28 مارچ (اي پي پي) سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن جي چيف انجنيئر سکر بئراج مان ساڄي پاسي جي ڪئنالن جي سالياني بندش جو اعلان ڪيوآهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب سمورن واسطيدارن جي سڌ لاءِ ڄاڻايو ويو آهي تہ سکر بئراج مان نڪرندڙ دادو ڪئنال، اين ڊبليو ڪئنال ۽ رائيس ڪينال کي پھرين اپريل کان 30 اپريل 2025ع تائين پوري مھيني لاءِ سالياني معائني ۽ ضروري مرمتي ڪمن سبب بند رکيو ويندو.