بيجنگ-28 مارچ (اي پي پي) چين جي ڪمپني کان ڌار ٿيڻ لاءِ قانون ٺاهڻ جي 2 مهينن بعد آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپليڪيشن جو معاملو ٻيهر سامهون اچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم جي سرگرمين کي وڪرو ڪرڻ جي معاهدي عيوض چين سان ڪسٽم ٺاهه ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پر چين ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجياڪون چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ جي معاملي بابت چيني ڌر هر ڀيري پنهنجي موقف تي زور ڀريو آهي ۽ اضافي ڪسٽم ڊيوٽي کي رد ڪرڻ جو چيني ڌر جو موقف مستقل ۽ واضع آهي . اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن ٽرمپ اعلان ڪيو ته چين کي ٽڪ ٽاڪ سرگرمين جي وڪري ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . هن وڌيڪ چيو ته هو ان وڪري کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيرف ۾ ننڍي رعايت ڏئي سگهي ٿو.