اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جا تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 13 ڪروڙ 34 لک 17 هزار 505 آهي، مرد ووٽرن جي شرح 53.71 جڏهن ته عورت ووٽرن جي شرح 46.29 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ 7 ڪروڙ 16 لک 54 هزار 92 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ 6 ڪروڙ 17 لک 63 هزار 413 آهي. پنجاب صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 7 ڪروڙ 60 لک 10 هزار 349 آهي جن ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ 4 ڪروڙ 4 لک 67 هزار 887 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ 3 ڪروڙ 55 لک 42 هزار 462 آهي. سنڌ صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 2 ڪروڙ 79 لک 81 هزار 501 آهي جن ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ هڪ ڪروڙ 51 لک 18 هزار 228 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ هڪ ڪروڙ 28 لک 63 هزار 273 آهي. خيبرپختونخوا صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 2 ڪروڙ 26 لک 75 هزار 553 آهي جن ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ هڪ ڪروڙ 23 لک 30 هزار 460 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ هڪ ڪروڙ 3 لک 45 هزار 93 آهي. بلوچستان صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 55 لک 66 هزار 441 آهي جن ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ 31 لک 17 هزار 944 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ 24 لک 48 هزار 497 آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ 11 لک 83 هزار 661 آهي جن ۾ مرد ووٽرن جو ڪل انگ 6 لک 19 هزار 573 جڏهن ته عورت ووٽرن جو ڪل انگ 5 لک 64 هزار 88 آهي.