اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) واپڊا درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 14 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 700ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار 300 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار 100 رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1402.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1070.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.108 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 638.15 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ آهي.