لاهور – 27 مارچ (اي پي پي) نادرا شهرين کي آگاهي ڏني آهي ته اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ تي ان جي وقت سر تجديد ڪرائين، مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به اداري ۾ بائيو ميٽرڪ يا سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق نه ٿيندي. نادرا جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مدو ختم ٿيڻ تي هڪ مهيني اندر سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد ڪرائين قانوني طور لازم آهي، شهري پنهنجي سهولت کي نظر ۾ رکندي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ڪنهن به وقت نادرا پاڪ آئيڊنٽٽي موبائل ايپ ذريعي گهر ويٺي آن لائن درخواست جمع ڪرائن يا ويجهي نادرا آفيس وڃي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد ڪرائن. هن چيو ته شهري وڌيڪ معلومات لاءِ نادرا هيلپ لائن نمبر 051111786100 تي رابطو ڪري سگهن ٿا، يا پوءِ ويب سائيٽ تان معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.