واشنگٽن _ 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪي شهريت لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ” گولڊ ڪارڊ “ ويزه اسڪيم جا هڪ هزار ڪارڊ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڪرو ٿي ويا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي واپار واري وزير هاورڊلٽنڪ جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ جي گولڊ ڪارڊ ويزه اسڪيم مشهور ٿي رهي آهي . هاورڊلٽنڪ جو آل ان پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چوڻ هو ته هن هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ هزار گولڊ ڪارڊ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن ۽ ماڻهوگولڊ ڪارڊ خريدڻ لاءِ وڏي انگ ۾ رابطو ڪري رهيا آهن . واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته ” گولڊ ڪارڊ “ ويزه اسڪيم جي باقاعده شروعات ٻن هفتن اندر ڪئي ويندي . سندس مطابق هن وقت ايلون مسڪ ان پروگرام لاءِ سافٽ ويئر تيار ڪرائي رهيو آهي ۽ ان بعد ٻن هفتن اندر ان کي لانچ ڪيو ويندو . هن چيو ته جيڪڏهن توهان آمريڪي آهيو ته توهان گلوبل ٽيڪس ادا ڪندا آهيو، پر ٻاهر جا ماڻهو گلوبل ٽيڪس ڏيڻ آمريڪا ناهن ايندا . جيڪڏهن توهان وٽ گرين گارڊ آهي يا هاڻي گولڊ ڪارڊ آهي ته توهان آمريڪا جا مستقل رهائشي (ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ ) هوندا . هن وڌيڪ چيو ته توهان شهريت حاصل ڪري سگهو ٿا پر ضروري ناهي ته لازمي شهري بڻجو ۽ ان مان ڪو به نه هجي ته جيئن کيس گلوبل ٽيڪس نه ڏيڻو پئي .آمريڪي واپار واري وزير مطابق آمريڪا 1000 گولڊ ڪارڊ 50 لک ڊالر في ڪارڊ جي حساب سان وڪرو ڪري ڇڏيا آهن . جنهن جي نتيجي ۾ 5 ارب ڊالر رقم آمريڪا آئي . هن مطابق ان پروگرام جي سيڙپڪارن ۾ گهڻي طلب آهي. آمريڪي واپار واري وزارت جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو 50 لک ڊالرن ۾ گولڊ ڪارڊ خريد ڪري آمريڪا ۾ رهڻ جو حق حاصل ڪندا . انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي ته جيئن اهو ڪارڊ سٺن ماڻهن کي ملي . جيڪڏهن خريد ڪندڙ خراب ماڻهو نڪتو يا ڪنهن غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث نڪتو ته آمريڪا سندس ڪارڊ رد ڪري سگهي ٿو.