لاس اينجلس _ 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪي شهر لاس اينجلس کان شنگهائي ويندڙ يونائيٽڊ ايئر لائن جي اڏام کي ان وقت رستي تان واپس موڙيو ويو جڏهن اها خبر پئي ته بوئنگ 787 جهاز جي پائلٽ پنهنجو پاسپورٽ کڻي وڃڻ کانسواءِ سوار ٿيو آهي. آمريڪي ٽيلي ويزن چينل مطابق يونائيٽيڊ ايئر لائن جي اڏام 198، لاس اينجلس ايئر پورٽ کان شنگهائي لاءِ اڏام ڀري رهي هئي جنهن ۾ 257 مسافر ۽ عملي جا 13 ميمبر سوار هئا . ويب سائيٽ فلائٽ ايئر ويو مطابق جهاز ماٺي سمنڊ جي مٿان شنگهائي طرف هلندڙ هو پر ٻه ڪلاڪ سفر بعد واپس موڙيو ويو جيڪو سان فرانسسڪو ايئر پورٽ تي شام جو 5 وڳي لٿو . ايئر لائن مطابق پائلٽ وٽ سندس پاسپورٽ موجود نه هو . سان فرانسسڪو لهي ڪري اسان نئين عملي جو بندوبست ڪيو جيڪو مسافرن کي کڻي انهي شام جو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو . جهاز نئين عملي سان رات 9 وڳي سان فرانسسڪو ايئر پورٽ تا اڏام ڀري ۽ 6 ڪلاڪن جي دير سان شنگهائي پهتو.