اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن سيڪٽر بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وزارتن ۽ صنعت جي ڌرين کانسواءِ سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڊگهي مدي واري توانائي جي منصوبابندي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ملڪي تيل ۽ گئس جي ڳولا کي بهتر بڻائڻ، سمنڊ جي ڪناري ۽ سمنڊ تي ڊرلنگ ۽ صنعتن ۽ صارفين جي لاءِ گئس جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي هائيڊرو ڪاربن جي صلاحيت کي کولڻ ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم جي طور تي ايندڙ آف شور ۽ آن شور بڊنگ رائونڊ جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اي اينڊ پي سيڪٽر جي لاءِ محفوظ، سيڙپڪاري جي خاطر سازگار ماحول جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.