اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سال 2024ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي محتسب کي سال 2024ع ۾ رڪارڊ 2 لک 26 هزار کان وڌيڪ شڪايتون مليون. سال 2023ع جي ڀيٽ ۾ وفاقي محتسب کي 17 سيڪڙو وڌيڪ شڪايتون مليون.