اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) واپار واري وزير ڄام ڪمال ڪالهه نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) ۾ ڊاڪٽر نبيل امين، سربراهه اين سي سي ۽ ٽيم سان گڏ هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سينٽر جي اڳڀرائي ۽ تازي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير پاڪستان جي معيار ۽ ڪمپلائنس سسٽم کي بهتر بنائڻ لاءِ اين سي سي جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ مشن جي نيشنل ڪوائلٽي انفراسٽرڪچر تي تازي دؤري سميت اهم ڪاميابين ۽ جاري رٿائن تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر نبيل امين اين سي سي جي قدمن تي روشني وجهندي عالمي معيار مطابق پاڪستان جي واپاري معيارن کي بهتر بنائڻ تي زور ڀريو. واپار واري وزير واضح ٽائم لائنز سان هڪ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪو نيشنل ڪمپلائنس ايڊوائيزري ڪائونسل جي اپريل جي آخر ۾ ٿيڻ واري اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.