اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، گڏيل سهڪار ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان جي دهشتگرديءَ خلاف قربانين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان امن جي قيام لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آسٽريليا پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائيندو. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتا گڏيل ترقيءَ لاءِ نهايت اهم آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ عالمي برادريءَ کي امن جي قيام ۾ پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته مضبوط معيشت ۽ بهتر پرڏيهي ناتن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، ان لاءِ پاڪستان اقتصادي استحڪام لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن طرفان ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.