اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ايمپلائيز يونين جي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابيءَ تي عادل شاهين الائنس جي نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سينئر صحافي ۽ چونڊيل صدر طارق محمود چوڌري، سيڪريٽري محمد قاسم، نائب صدر شمائله نورين ۽ سهيل چيما، پريس سيڪريٽري صنم جوڻيجو، فنانس سيڪريٽري طاهر نديم، رضوان شاهه، مدثر الحسن، تبسم گل سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت ملازمن جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. اسپيڪر چيو ته چونڊ عمل ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ ڪارڪنن طرفان ڏنل مينڊيٽ جو احترام ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ملڪ ۾ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام جي مسئلن کي گراس روٽ ليول تي حل ڪري سگهجي.