اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماءُ جو وڇڙڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو صدمو آهي. هن جنرل عاصم منير ۽ سندس گهر وارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ کين صبر جي توفيق عطا ڪري. هن مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.