انقره-25 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ملڪ جي مرڪزي اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سندس اهم سياسي مخالف ۽ استنبول جي ميئر امام اوگلو جي قيد خلاف احتجاج هڪ پرتشدد تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انقره ۾ ڪابينه اجلاس بعد خطاب ڪندي اردوان وڌيڪ چيو ته احتجاج دوران پوليس آفيسرن جي ملڪيتن کي پهتل ڪنهن به نقصان جي ذميوار مخالف ڌر جي مرڪزي پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي آهي. هن اهو به چيو ته سندن رچايل اها راند آخر ڪار ختم ٿي ويندي ۽ هو ان برائي تي شرمنده ٿيندا جيڪا هنن ملڪ خلاف ڪئي آهي . ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ميئر اڪرم امام اوگلو جي جيل منتقلي بعد وڏي پيماني تي مظاهرا شروع ٿي ويا هئا. ان دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون.