دبئي-25 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد آل نهيان سان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن اسٽريٽجڪ شراڪت داري تحت ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي عوام جي فائدي لاءِ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ولاديمير پيوٽن روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا جي حوالي سان امارات جي ڪامياب ٽياڪڙي تي شڪريو ادا ڪيو. امارات جي صدر روس جي حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. ان انساني شعبي ۾ ڪوششون جاري رکڻ ۽ بحران جي پر امن حل جي حوالي سان قدمن جي حمايت لاءِ امارات جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، رابطي دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ياد رهي ته هلندڙ مهيني 19 مارچ تي امارات ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا جي نئين ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو ويو هو جنهن تحت 350 قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي. امارات جي ڪامياب ٽياڪڙي سبب هاڻي تائين 3 هزار 233 قيدين جي مٽا سٽا ٿي چڪي آهي.