ڪراچي-24 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڊجيٽل مهارتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت، گوگل ۽ ٽيڪ ويلي جي سهڪار سان منصوبو شروع ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هن رٿا جي مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪرڻ واري اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته هن منصوبي جو مقصد شاگردن کي مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، آءِ ٽي آٽوميشن ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ جهڙن اهم شعبن ۾ جديد ۽ ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي ته جيئن هُو بدلجندڙ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 2024ع جي گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ سنڌ پروگرام جي ڪاميابي کانپوءِ جنهن ۾ 10 يونيورسٽين جي 1500 شاگردن 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي، 2025ع ۾ هن پروگرام جي واڌاري سان حڪومت جي ڊجيٽل ترقي ۽ انساني وسيلن جي بهتري جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. وڏي وزير هن منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اها شراڪتداري اسان جي ان ويزن جي عڪاسي ڪري رھي آھي تھ اسان سنڌ کي جدت ۽ مهارتن جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. ھن وڌيڪ چيو تھ 30 هزار کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي رڳو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه پر اسان جي نوجوانن جي مستقبل ۽ صوبي جي معاشي ترقي ۾ سيڙپڪاري آهي. گوگل جي ماھرن جي تيار ڪيل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ پروگرام تحت شاگردن کي آن لائن تعليمي تربيت ڏني ويندي، جنهن ذريعي هو روايتي ڊگري جي بنا 3 کان 6 مهينن اندر صنعت سان لاڳاپيل تسليم ٿيل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪاميابيءَ ۽ ڪيريئر تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته گذريل بيچ جي شاگردن مشهور ڪمپنين ۾ نوڪريون ۽ انٽرنشپس حاصل ڪيون، جتي انهن جون پگهارون 70 هزار رپين کان 16 لک رپين تائين هيون. هن مثال ڏيندي چيو تھ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻيءَ ليلا ڪمارِي گوگل جو مصنوعي ذهانت وارو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ ايوولوشن ۾ پروجيڪٽ انٽرن شپ حاصل ڪئي. ھن وڌيڪ چيو تھ سندس ڪاميابيءَ کي گوگل به اجاگر ڪيو، جيڪو هن منصوبي جي حقيقي اثرن کي ظاهر ڪري ٿو. گوگل جي گورنمينٽ افيئرز اينڊ پبلڪ پاليسي ليڊ ڪائل گارڊنر چيو ته گوگل جو عزم آهي ته ماڻهن کي اُهي ڊجيٽل مهارتون مهيا ڪيون وڃن جيڪي جديد معيشت ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهن. هن ڀائيواري ذريعي سنڌ جي شاگردن کي عالمي معيار جي تربيت تائين پهچ حاصل ٿيندي جيڪا نه رڳو انهن لاءِ نوان ڪيريئر جا موقعا کوليندي پر معاشي ترقي کي پڻ ھٿي ملندي. آءِ ٽي سيڪريٽري نور احمد سمون وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2025ع جو پروگرام شموليت ۽ پهچ وڌائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ عورتون هونديون ته جيئن جنسي برابري کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام جو خاص ڌيان پٺتي پيل ۽ گهٽ وسيلن وارن طبقن تائين پهچ حاصل ڪرڻ تي هوندو ته جيئن سڀني کي تعليم جا برابر موقعا ملي سگهن. سنڌ جي 30 سرڪاري يونيورسٽين سان حصيداري ذريعي هن پروگرام کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن شاگردن کي 9 خاص ڪورسز ۾ تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ مصنوعي ذهانت سان گڏ نوان ڪورسز، پراپمٽنگ ۽ ايجائل پڻ شامل هوندا. وڏي وزير چيو ته گذريل سال متعارف ڪرايل سافٽ اسڪلز اينڊ ڪيريئر ڪاميابي سنڌ پروگرام به جاري رهندو، جنهن تحت شاگردن کي سي وي لکڻ، انٽرويو جي مهارتن ۽ اثرائتي ڳالهه ٻولهه جي تربيت ڏني ويندي ته جيئن سندن روزگار جا موقعا وڌي سگهن. ان موقعي تي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته 30 هزار کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي سان ٽيڪ ويلي نه رڳو نوجوانن کي مهارتون سيکاري رهيو آهي پر مستقبل سنوارڻ ۽ باصلاحيت افرادي قوت جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪا سنڌ جي ڊجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صنعت جي مضبوط تعاون سان هي مثبت قدم سنڌ ۾ ڊجيٽل تعليم جي نئين راهه کلندي ته جيئن شاگرد عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ مقابلي جي قابل ٿي سگهن ۽ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، آءِ ٽي سيڪريٽري نور احمد سمون، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سيڪريٽري عباس بلوچ، 30 سرڪاري يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، ٽيڪ ويلي پاڪستان جو سي اي او عمر فاروق ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.