ابوظهبي – 25 مارچ (اي پي پي) ابوظهبي ڪرڪيٽ اينڊ اسپورٽس حب ابوظهبي اسپورٽس ڪائونسل جي حمايت سان افغانسان ڪرڪيٽ بورڊ سان پنجن سالن جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن جنهن تحت ابوظهبي گڏيل عرب امارات ۾ افغان ٽيم جي تربيتي ڪيمپن ۽ انڊر – 19 ۽ اي ٽيم جون سموريون عالمي سيريزون ۽ ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو. معاهدي تحت افعانستان ڪرڪيٽ بورڊ، امارات جي مختلف اسٽيڊيمز ۾ سينيئر ٽيم جي ٻه طرفيون سيريز منعقد ڪرڻ لاءِ ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. معاهدي تحت افغان ڪرڪيٽ بورڊ کي عالمي سطح تي پنهنجن سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ رانديگرن جي تربيت لاءِ به سهڪار فراهم ڪيو ويندو. معاهدي تي ابوظهبي ڪرڪيٽ اينڊ اسپورٽس جي سي اي او ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سي اي او نصيب خان صحيحيون ڪيون. تقريب ۾ ابوظهبي اسپورٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل عارف العواني به موجود هو. ان موقعي تي عارف العواني چيو ته ” اهو معاهدو افغانستان ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ سپورٽ لاءِ آهي. ابوظهبي ۾ مختلف عالمي ٽورنامينٽس، پروگرامن ۽ تربيتي ڪيمپن جي ميزباني تي به فخر آهي، هتي هڪ وسيع بنيادي ڍانچو موجود آهي.