ويلنگٽن -25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ 26 مارچ تي ويلنگٽن ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان ٽيم نيوزيلينڊ کي سيريز ۾1-3 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. پي سي بي موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ڏينهن آپشنل ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو ۽ رانديگرن بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي. پريٽڪس کان اڳ رانديگرن وارم اپ ڊرلز ۾ به حصو ورتو. پاڪستاني ٽيم سلمان علي آغا جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته مائيڪل بريسويل نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ليڊ ڪندو.