تهران _ 25 مارچ (اي پي پي) ايران ۽ ترڪيه غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن کي روڪڻ جي ڪوششن تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ سندس ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان غزه ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي تازن حملن کي روڪڻ لاءِ مسلمان رياستن کان وڌيڪ ڪوششن لاءِ زور ڀريو آهي . ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان مطابق هڪ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن اولهه ايشيا جي تازي اڳڀرائي خاص ڪري فلسطين جي صورتحال، غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي بحالي، يمن تي آمريڪي فضائي حملن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻين عالمي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي اسرائيل جي غزه ۽ لبنان خلاف ڏوهن ۽ جارحيت جي مذمت ڪندي عالمي برادري خاص طور تي مسلم ۽ علائقائي ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن يمن خلاف آمريڪي فضائي حملن جي مذمت ڪندي علائقائي ملڪن ۾ وڌيڪ سهڪار ۽ هم آهنگي جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن مسلمان رياستن خلاف جارحيت ۽ اولهه ايشيا جي خطي ۾ عدم تحفظ ۽ عدم استحڪام ۾ اضافي کي روڪي سگهجي . ترڪيه جي هم منصب به فلسطيني عوام جي صورت حال تي مسلمان رياستن جي وڌيڪ ڌيان جي اهميت تي زور ڀريو. هن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جو سفارتي حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي عزم جو اظهار ڪيو.