ڪراچي-24 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران ڪراچي واسين لاءِ مفت تفريح لاءِ گورنر هائوس سان لاڳاپيل ايوان صدر روڊ تي فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي. فيسٽيول عيد جي 3 ڏينهن تائين جاري رهندو. جنهن ۾ جهولا، گهوڙي سواري، اٺ جي سواري سڀ ڪجهه مفت هوندو. فيسٽيول ۾ داخلا بلڪل مفت آهي. ان فيسٽيول ۾ عوام لاءِ تفريحي سهولتن جو شاندار انتظام ڪيو ويو آهي. آچر ڏينهن ٻارن سوڌو ماڻهن جي وڏي انگ فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ کاڌي پيتي جا اسٽال به لڳايا ويا آهن. ٻار جهولن ۽ تفريحي سرگرمين مان لطف اندوز ٿيا. گورنر هائوس ۾ عيد رات تي عورتن لاءِ مفت مهندي ۽ چوڙين جو خاص انتظام ڪيو ويندو.