واشنگٽن -22 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته صدر جي فيصلن ۾ عدالتي مداخلت افراتفري ۽ ڏوهن جو سبب بڻجندي، ڪنهن به جج کي صدراتي فرض نه سنڀالڻ گهرجن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽروٿ سوشل تي لکيو آهي ته جيڪڏهن چيف جسٽس رابرٽس ۽ سپريم ڪورٽ فوري طور تي ان نقصان ڏيندڙ ۽ بي مثال مسئلي کي حل نه ڪيو ته اسان جو ملڪ سخت خطري ۾ پئجي ويندو. هن چيو ته جج 80 ملين ووٽ حاصل ڪرڻ کان سواءِ صدارت جا اختيار سنڀالڻ چاهن ٿا ۽ ڪو به خطرو برداشت ڪرڻ کانسواءِ سمورا فائدا حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. آمريڪي صدر سپريم ڪورٽ جيڪو آمريڪا ۾ سڀ کان وڏو عدالتي ادارو آهي، ان کي چيو آهي ته هو انهن وفاقي ججن جي مسئلي کي حل ڪري جن 20 جنوري تي وائيٽ هائوس ۾ واپسي کان پوءِ سندس ڪيترن ئي فيصلن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون وجهڻ وارا فيصلا جاري ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان مملڪت جي سربراهه خلاف اهڙي غير معمولي رنجش ان وقت سامهون آئي جڏهن ٽرمپ واشنگٽن ۾ وفاقي جج جيمز بوسبرگ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن گذريل هفتي جي آخر ۾ هڪ حڪم نامو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو هو ته پرڏيهين جي ملڪ بدري کي 14 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو وڃي.