رياض -22 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي چاڊ جي صدر ليفٽيننٽ جنرل مهامت ادريس ديبي اتنو سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي قيادت طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ويو. ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپن جي جائزي سميت تازي عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي چاڊ جو پرڏيهي وزير، سوڊان ۾ مقرر سعودي سفير علي بن حسن جعفر ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا.