اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. جمعي ڏينهن اجلاس جي صدارت ڪندي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو صدارتي حڪم پڙهي ٻڌايو.