ڪراچي-21 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته صوبي جي عوام جي حقن لاءِ منهنجي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي. گورنر هائوس ۾ اتحاد رمضان جو مقصد ماڻهن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ آهي، صوبي جي ماڻهن کي سندن ڇت فراهم ڪرڻ اسان جو مشن آهي. هن اها ڳالهه “اتحاد رمضان” جي افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ توفيق ڏني ۽ عوام ساٿ ڏنو ته صوبي ۾ سڀني کي سستي بجلي ۽ گئس ملندي.