اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ريلوي ۾ هڪ هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا پيا وڃن. بلوچستان ۾ ريل تي هاڻ 22 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر هوندا، حادثن کان بچاءُ ۽ ريلوي کي لاڀائتو ادارو بنائڻ لاءِ مستقل حل ايم ايل ون تي عملدرآمد آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شهلا رضا جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير ٻُڌايو ته ريلوي کي پنهنجي پوليس آهي جنهن ۾ 2802 اهلڪار آهن، بلوچستان ۾ 13 اهلڪار ڊيوٽي تي هئا، ان مان 8 ايف سي جي اهلڪار شامل آهن. هاڻ جعفر ايڪسپريس سانحي کانپوءِ 22 اهلڪار ڊيوٽي تي هوندا، ٽريڪ جي فنسنگ ڪئي ويندي. واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويندا، بولان ۽ جعفر ايڪسپريس کي جلد بحال ڪيو ويندو. هن ٻُڌايو ته حادثن جو مستقل حل ايم ايل ون آهي جنهن تحت تيز ترين ريل ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوور به هوندا. ان تي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت به ڪم ٿي رهيو آهي. سحر ڪامران جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته ايم ايل ون نواز شريف جي دؤر ۾ سي پيڪ تحت غور هيٺ آيو. حادثن جو مستقل حل ايم ايل ون ئي آهي جنهن سان وقت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ بلاول اظهر ڪياني ٻُڌايو ته سنفر ڊاگس کان مچ سميت مختلف هنڌن تي چيڪ ٿيندو آهي. هن ٻُڌايو ته اسٽيشن فنسنگ ڪئي پئي وڃي. ايم ايل ون تي چين جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو دؤرو جلد متوقع آهي. پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد جي پيڪيج ون تي فوڪس آهي. ان وزٽ کانپوءِ ان کي حتمي شڪل ڏئي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. احمد سليم صديقي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته ريلوي پوليس ۾ واڌ تي به غور ڪيو ويندو. جعفر ايڪسپريس جي طرز جي حادثن کان مستقبل ۾ بچاءُ لاءِ هر قسم جي قدم کنيا ويندا. اسان مستقبل ۾ پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواريءَ تي غور ڪري رهيا آهيون ته جيئن روينيو ۾ بهتري اچي سگهي. ابرار علي شاهه جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته فيول لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ پي ايس او ذريعي ڪانٽريڪٽ بهتر بڻايو آهي. پهرين اسٽيشن تائين پهچائڻ به ريلوي جو ڪم هو، هاڻ ريلوي جي ڊيپو تي ئي اها ڊليوري ڏني ويندي. 8 اسٽيشننز تي اهو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. بجلي جي کپت نيٽ ميٽرنگ سان نمايان گهٽتائي ٿي آهي. روينيو ۾ واڌ لاءِ ڪوچز کي وڌايو ويو آهي. 2300 ٽن فريٽ سان ئي ٽرين رواني ٿيندي. حنا رباني کر جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان ريلوي ۾ ٽرانسفارميشن جي ضرورت آهي، اهي ڊگهي عرصي کان نقصان تي هلي رهيو آهي ان جو مستقل حل ايم ايل ون آهي. نجي شعبي لاءِ دورازا کولڻا پوندا. پيسينجر سائيڊ ۾ ان جي شروعات ٿي آهي هاڻ فريٽ طرف وڃي رهيا آهيون. اسان روانگي واپار جي واڌ لاءِ سينٽرل ايشيا تائين وينداسين ته جيئن پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون. انجم عقيل جي سوال جي جواب م مملڪتي وزير ٻُڌايو ته هڪ هزار ريلوي پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل جاري آهي. هن ٻُڌايو ته ننڍين اسٽيشننز جي بهتري لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، صفائيءَ جي ڪم جي آئوٽ سورسنگ جو ڪم به جاري آهي. طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته وزارت ۾ وسيلن جي غلط استعمال تي ڪارروائي ڪنداسين. نفيسه شاهه جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته خيرپور ۾ ريلن جي اسٽاپ جي حوالي سان سوال ڪميٽي کي موڪليا ڇڏيا آهن جنهن تي اسپيڪر هي معاملو ڪميٽيءَ کي موڪلي ڇڏيو.