اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت هجي يا مخالف ڌر ڪنهن کي به رياست خلاف نه وڃڻ گهرجي، ملڪ کي هن وقت ٻاهريان ۽ اندروني چئلينجز درپيش آهن، پاڪ فوج ۽ ادارا دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، حڪومت کين سمورا وسيلا فراهم ڪري رهي آهي، اسان کي پي ٽي آءِ جي باني جي بياني سان ڪو به واسطو ناهي، اسان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهيون، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي هٿياربند قيادت سياست قيادت کي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن جو مقصد قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو، اسان جون پاڙيسري ۽ ٻيون طاقتون پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون، هن چيو ته اها ڳالهه فڪر جوڳي آهي ته دهشتگردي جو شڪار صرف اسلامي ملڪ ئي ٿي رهيا آهن، پاڪستان جيڪڏهن ايٽمي طاقت نه هجي ها ته اسان جو حال به انهن اسلامي ملڪن کان مختلف نه هجي ها. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ شهادتون ٿي چڪيون آهن. دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر ان ۾ مخالف ڌر جو به ڪردار آهي، مخالف ڌر جو رويو ان حوالي سان انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو استحڪام اسان سڀني جي بنيادي ضرورت آهي. اسان جي فوج ۽ اسان جا ادارا دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، حڪومت کين وسيلا مهيا ڪري رهي آهي. انشاءُ الله اسان اها جنگ کٽنداسين. هن چيو ته ملڪ کي هن وقت اندران ۽ ٻاهران چئلينج آڏو آهن، ان صورتحال ۾ ڪنهن فتني ۽ فساد جي صورتحال قبول نٿي ڪري سگهجي، اسان کي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ رهندي رياست خلاف نه وڃڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي باني حڪومت ۾ رهندي چين، سعودي عرب سميت دوست ملڪن کي ناراض ڪيو پر اڄ اهي پنهنجي آزادي لاءِ آمريڪا ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ جي بياني سان ڪو به واسطو ناهي، اسان پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهيا آهيون، هن الزام لڳايو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان مخالف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ملڪ تباهه ٿيا اڳ انهن جي حفاظت تي ٻڌل ادارن کي تباهه ڪيو ويو. اهڙي طرح جي صورتحال هاڻي پاڪستان کي به سامهون آهي. اسان کي ملڪ کي هر قيمت تي ان صورتحال کان محفوظ رکڻو آهي.