اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته جيستائين هر ٻار تائين مڪمل رسائي يقيني نٿي بڻائي وڃي ۽ قوت مدافعت ۾ موجود خال کي پوري طرح ختم نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته اها ڳالهه همٿائيندڙ آهي ته ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جيڪو ان ڳالهه طرف اشارو آهي ته اسان جون ڪوششون موثر ثابت ٿي رهيون آهن جڏهن ته اسان جو ڌيان انهن ڪمزورن کي ختم ڪرڻ تي آهي جتي وائرس جي موجودگي جو خدشو اڃا به برقرار آهي. اهڙو اظهار هن عالمي حصيدارن ۽ ڊونرز سان گڏ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو جنهن جو مقصد پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجائڻ ۽ پاڪستان جي ٻارن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر ڪرڻ هو. اجلاس پوليو بابت نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي انتظام هيٺ ٿيو. اسٽيڪ هولڊرز کي پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ۽ چئلينجن ۽ انهن جي مڪمل ازالي لاءِ ڪيل حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ عالمي ادارن ۽ ڊونرز ايجنسين جي نمائندن شرڪت ڪئي. عائشه رضا فاروق مهمانن جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ انهن جي مسلسل حمايت تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي مستقل وابستگي پاڪستان کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، جيستائين هر ٻار تائين مڪمل رسائي يقيني نٿي بڻائي وڃي ۽ قوت مدافعت ۾ موجود خال کي پوري طرح ختم نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر محمد انوار الحق پوليو پروگرام جي مجموعي اڳڀرائي ۽ ان ۾ موجود چئلينجن تي روشني وجهندي چيو آهي ته پوليو کان متاثر هڪ ٻه ٻار اسان لاءِ ان وائرس مڪمل خاتمي جي يادگيري آهي، اسان جو بنيادي هدف ويڪسينيشن ۽ صحت جي مضبوط خدمتن جي فراهمي آهي، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي پهچ مشڪل آهي. هن چيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ پروگرام هڪ ملڪ گير ويڪسينيشن مهم ڪاميابي سان مڪمل ڪئي جنهن دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، اپريل ۽ مئي 2025ع ۾ وڌيڪ 2 ملڪ گير ويڪسينيشن مهمن جي تياري دوران اسان پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائي رهيا آهيون ته جيئن هر ٻار تائين ويڪسينيشن پهچائي سگهجي.