اسلام آباد-20 مارچ(اي پي پي) زرعي شعبي ۾ چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ هزار ايگريڪلچرل گريجوئٽس جي ڪارڪردگي ۾ اضافي واري وزيراعظم پروگرام جي ٽئين مرحلي لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن جن لاءِ آخري تاريخ 5 اپريل مقرر ڪئي وئي آهي. قومي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب ان کان اڳ ٻن بينچن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. پهرين بينچ اپريل ۾ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٻي بينچ کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي . اهو سکيا پروگرام ٽن کان ڇهن مهينن جو آهي جنهن ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي يونيورسٽين جا ايگريڪلچرل گريجوئٽس درخواستون ڏيڻ جا اهل آهن. پروگرام ۾ شرڪت لاءِ عمر جي حد 35 سال، ٻن سالن جو لاڳاپيل شعبي ۾ تجربو، انگريزي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر جي بنيادي استعمال جي معلومات هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اهو ٽريننگ پروگرام نون ترجيحي شعبن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.