گڏيل قومون – 20 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش غزه ۾ گڏيل قومن جي اھلڪارن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو آھي ته غزه تي اسرائيل جي حملي ڪندڙ ڌرين کي خبر آھي ته گڌيل قومن جو ادارو ڪٿي آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي ترجمان طرفان گذريل ڏينھن جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته جنرل سيڪريٽري کي گڏيل قومن جي پروجڪيٽ سروسز بابت آفيس جي عملي جي ھڪ ميمبر جي موت بابت ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي دير البلاح ۾ گڏيل قومن جي ٻن گيسٽ ھائوسن کي حملن ۾ نشاڻو بڻايو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل قومن جا سمورا ھنڌ جنگ جي ڌرين کي معلوم آھن، جيڪي عالمي قانون جا پابند آهن ته هو انهن جي حفاظت ڪندا. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل فوت ٿيل عملي جي ميمبرن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، هن وڌيڪ چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ گڏيل قومن جا 280 ميمبر فوت ٿي چڪا آهن.