اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري بدلجندڙ موسمن ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري 10000 کان وڌيڪ گليشيئرز تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن، نتيجي طور ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي ڪري دريائن، زراعت ۽ انهن سان واڳيل لکين ماڻهن جي روزگار کي خطرو آهي، سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ طور پاڪستان کي گليشيئرز جي مانيٽرنگ جي پروگرام، وقت کان اڳ اڳڪٿي جي نظام، ماحولياتي تبديلي جي مضر اثرن کان محفوظ زرعي طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي متبادل حل ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گليشيئرز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته گليشيئرز زمين تي زندگي جي ضمانت آهي جيڪي ماحولياتي نظام کي قدرتي انداز سان برقرار رکن ٿا ۽ اهم قدرتي وسيلن خاص طور تي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائين ٿا. 2025ع ۾ اسان دنيا جو پهريون گليشيئرز جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان صاف پاڻي جي انهن اهم ذخيرن جي حفاظت جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت کي تسليم ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ 13000 کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن، اهو انگ زمين جي قطبي خطن کانپوءِ ڪنهن به جڳهه گليشيئرز جو موجود سڀ کان وڌيڪ انگ آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي پهرين صف ۾ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري بدلجندڙ موسمن ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري 10000 کان وڌيڪ گليشيئرز تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن، نتيجي طور ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي ڪري دريائن، زراعت ۽ انهن سان واڳيل لکين ماڻهن جي روزگار کي خطرو آهي، ان جي ڪري هزارين نيون ڍنڍون وجود ۾ آيون آهن جن ۾ ڪيتريون ئي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي خطري ۾ ورتل آهن. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ اهو واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي شديد خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن نديءَ نالن ۽ دريائن جي ڀرپاسي آبادين ۽ ميداني علائقن ۾ شديد تباهي مچائي ۽ مجموعي طور تي 30 بلين آمريڪي ڊالر جو معاشي نقصان پهچايو. شهباز شريف چيو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ جي طور تي پاڪستان کي گليشيئرز جي مانيٽرنگ جي پروگرام، وقت کان اڳ اڳڪٿي جي نظام، ماحولياتي تبديل جي هاڃيڪار اثرن کان محفوظ زرعي طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي متبادل حل ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي عالمي سطح تي گڏيل ماحولياتي سياحت جي رهنما رخن کي فروغ ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي جيڪو زهريلي مادن ۽ آلودگي کي انهن قيمتي اثاثن کي تباهه ڪرڻ کان روڪي، اچو اسان سڀ گڏجي گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻون، ڇو ته جيڪڏهن گليشيئرز ختم ٿي ويا ته ان سان واڳيل زندگيون به تباهه ٿيڻ جو خطرو آهي.