مدينه منوره – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدينه منوره پهچڻ تي مديني جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مدينه منوره ۾ رسول اڪرم ﷺ جي روضي جي زيارت ڪندو، مسجد نبوي ۾ عبادت ۽ نفل ادا ڪندو ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعا ڪندو.