جده – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي عزم کي ساراهيو جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڌرين علائقائي سلامتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪندي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي صورتحال سان گڏوگڏ خطي جي سياسي منظرنامي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمايان خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ قدم وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عوام جي وچ ۾ رابطن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعليمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن جي رهنمائي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حصيداري کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.