اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته مظلوميت جي ڀارت جي فرضي داستان پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياست پاران منظور ٿيل ڏاڍ ۾ ملوث هجڻ کي نه ٿي لڪائي سگهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ بلوچستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ ۾ ڀارت جو ملوث هجڻ واضح آهي. عالمي سطح تي قتل عام جي سازشن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارت رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري خطي ۾ اهڙي غيرقانوني سرگرمين جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران غيرملڪي علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ قتل، تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جي منصوبابندي جي پنهنجي رڪارڊ تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي تازي حملي جي مذمت نه ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي قيادت جي بنا جواز بيانن جي وڌندڙ انگ تي پريشان آهي. هن چيو ته اهو ڀارت ئي هو جيڪو 1948ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي ويو هو، ان لاءِ ڀارت کي سلامتي ڪائونسل ۽ ان جي ميمبرن تي بعد ۾ منظور ٿيندڙ قراردادن جي لاءِ الزام هڻڻ جو ڪو حق نه آهي. ترجمان چيو ته بي بنياد دعوائن سان ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جي حتمي حيثيت جو تعين گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. شفقت علي خان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري مشغوليت ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي وڪالت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ڀارت جي سخت رويي ۽ ڏاڍ پسنداڻي ارادن جو يرغمال بڻيل آهي. هن چيو ته ڀارت پاران پاڪستان مخالف بيانيو ٻطرفي ماحول کي خراب ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪي ٿو جنهن کي روڪڻ گهرجي.