اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان هاورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگر ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. اسپيڪر وفد کي پارليامينٽ ۾ ٿيل قانونسازي، اهم قومي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي شاگردن کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلين جهڙا سنگين خطرا درپيش آهن. پاڙيسري ملڪ افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. افغانستان دهشتگردن جو محفوظ پناهگاهه بڻيل آهي. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي باهه خطي جي ٻين ملڪن تائين به پکڙجي سگهي ٿي. هن چيو ته ان باهه کان پاڙيسري ملڪ به محفوظ نه رهندا، دنيا کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان عارضي حڪومت کي دهشتگرد تنظيمن خلاف شاهديون ڏئي چڪو آهي. افغان سرزمين جي پاڪستان خلاف استعمال جو معاملو ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويو، اعليٰ آمريڪي عهديدارن کي به ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهي ڏني وئي آهي. دهشتگرد افغانستان ۾ ڇڏيل جديد ترين آمريڪي هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني پيش ڪئي آهي. پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان ڊگهي عرصي تائين 4.6 ملين افغان پناهگيرن جو بار کنيو آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن ۾ پهرين صف ۾ شامل آهي. 2022ع ۾ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ موسمياتي تبديلين سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. 2017ع ۾ ملڪ جي وزيراعظم کي پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو هو. اڄ به مخالف ڌر جي وڏي پارٽي حڪومت کي جعلي ۽ غير قانوني قرار ڏي ٿي. مخالف ڌر انهي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ، پي اي سي چيئرمين ۽ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن جي عهدن تي مقرر آهي. مخالف ڌر نه رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي، هڪ ڀيرو به عوامي ۽ ملڪي مسئلن تي ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته مان ڪسٽوڊين آف هائوس طور ايوان کي هميشه غيرجانبداري سان هلايو. مخالف ڌر کي حڪومت کان وڌيڪ ٽائيم ڏنو جڏهن ته پروڊڪشن آرڊرز جي معاملي تي هڪ قدم اڳتي وڌي فيصلو ڪيو، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي مثبت عڪاسي ناهي ڪئي ويندي، پاڪستان جي حقيقي سڃاڻپ جو پتو پاڪستان اچي پوندو آهي.